جنگبندي جي ڀڃڪڙي: آرمينيا پاران آذر بائيجان مٿان بمباري، ست ڄڻا مارجي ويا

آرمينيا پاران جنگبندي جي ڪجهه ئي ڪلاڪن کان پوءِ آذربائيجان جي رهائشي علائقي مٿان بمباري ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا.عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب آذربائيجان ۽ آرمينيا پاران روسي پرڏيهي وزير جي سربراهي ۾ ٿيندڙ ڳالهين جي نتيجي ۾ جنگبندي جو اعلان ڪيو هو پر ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ ئي سيز فائر جي ڀڃڪڙي جون خبرون مليون آهن.آذربائيجان جو چوڻ آهي ته آرمينيائي فوج شهري علائقي ۾ ميزائل فائر ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 33 زخمي ٿي پيا آهن. هوڏانهن آرمينيا جو موقف آهي ته سيز فائر جي ڀڃڪڙي ناهي ڪئي پر آذربائيجان مٿان جوابي ڪارروائي ڪئي آهي.جنگبندي جي ڀڃڪڙين تي روس جي پرڏيهي وزارت ڌرين کي امن معاهدي جي پاسداري کي يقيني بنائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته معاهدي ۾ طئي ڪيل نڪتن تي مڪمل عمل ڪيو وڃي ۽ هڪ ٻئي تي حملن کان پاسو ڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔