ڀارت ۾ شادي جي رات ڪنوار پاران گهوٽ کي ايڪيهه زهريلي نانگن جو تحفو

نئين دهلي: ڀارت ۾ هڪ حيران ڪندڙ خبر سامهون آئي آهي جنهن ۾ هڪ قبيلي جون ڇوڪريون شادي جي رات گهوٽ کي 21 زهريلا نانگ جهيز ۾ ڏينديون آهن. تفصيل موجب هر ملڪ ۽ معاشري ۾ شادي جون رسمون ۽ رواج مختلف آهن پر انڊيا جي جوريا قبيلي جي شادي ۾ عجيب وغريب رسم ملندي آهي هن قبيلي جون ڇوڪريون شادي جي رات گهوٽ کي 21 زهريلا نانگ جهيز ۾ ڏينديون آهن.خبرون ڏيندڙ اداري موجب ڇوڪريءَ جو پيءُ ڪيترن ئي سالن تائين زهريلا نانگ ڳولڻ شروع ڪندو آهي. جنهن کان پوءِ شادي جي موقعي تي هڪ خوبصورت صندوق ۾ گهوٽ کي تحفو ڏنو ويندو آهي. اهو تحفو پوري قبيلي جي سامهون فخريه طور پيش ڪيو ويندو آهي.صندوق ۾ ڪنهن نانگ جي مري وڃڻ کي غلط سنئوڻ سمجهيو ويندو آهي ان جو مطلب اهو هوندو آهي ته اها شادي ڪامياب نه ٿيندي. جيڪڏهن ائين ٿيو ته ڇوڪري جا سمورا گهر ڀاتي مٿو ڪوڙائيندا آهن ته جيئن شادي کي ڪامياب ڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔