ٽنڊو ڄام ڀرسان گم ٿيل وڪيل محب آزاد لغاري گهر پهچي ويو

ڪراچي: ٽنڊو ڄام ڀرسان گم ٿيل سنڌ سُجاڳي فورم جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري ۽ ھاءِ ڪورٽ جو وڪيل محب آزاد لغاري گهر پهچي ويو، سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي اڳواڻ سهڻي جويو چيو آهي ته محب آزاد لغاري کي گذريل رات دير سان لسٻيلي وٽ ڇڏيو ويو، محب آزاد لغاري هڪ مهينو اڳ عدالت ويندي رستي مان گم ٿي ويو هو، محب آزاد لغاري جي آزادي بابت حيدرآباد جي عدالت ۾ ڪيس هلي رهيو هو، جڏهن ته وڪيل برادري لاڳيتو سراپا احتجاج بڻيل هئي. محب آزاد لغاري جي آزادي جي خبر پوڻ بعد وڪيل برادري ۾ خوشي جي لهر آهي، جڏهن ته آزاد ٿيل محب آزاد لغاري جو چوڻ آهي ته مون کي رات دير سان اڻڄاتل ماڻهو ڇڏي ويا، فجر مهل گهر پهتو آهيان،

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔