والاريل ڪشمير ۾ مقرر هڪ ٻئي ڀارتي فوجي پنهنجو انت آڻي ڇڏيو

سرينگر :والاريل ڪشمير ۾ مقرر وڌيڪ هڪ ڀارتي فوجي آپگهات ڪري ڇڏيو.
ڪشمير ميڊيا سروس موجب والاريل ڪشمير جي ضلعي ڪپواڙا جي علائقي نوگام سيڪٽر ۾ مقرر ڀارتي فوجي سرڪاري رائفل سان پاڻ کي گولي هڻي زندگي جو انت آندو.
رپورٽ موجب ڀارتي فوجي آچر جي صبح آپگهات ڪيو، جنهن جي اعليٰ ڪمانڊر به تصديق ڪئي آهي.
واضح رهي ته والاريل ڪشمير ۾ مقرر ڀارتي فوجين طرفان آپگهات جي واقعن ۾ واڌ ٿيندي پئي وڃي، ان کان اڳ به اتي مقرر ڪيترائي فوجي ذهني دٻاءَ، سختين ۽ ٻين سببن جي بنياد تي پنهنجو انت آڻي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔