پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ سيريز جو نئون شيڊيول جاري

لاهور : پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ زمبابوي خلاف سيريز جو نئون شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو، جنهن تحت راولپنڊي ۾ ون ڊي ميچن جي سيريز شروع ٿيندي، جڏهن ته ٽي ٽوئنٽي ميچون لاهور ۾ کيڏيون وينديون.
پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ 3 ون ڊي ميچون 30 آڪٽوبر، پهرين ۽ 3 نومبر تي پنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم راولپنڊي ۾ کيڏيون وينديون، اهي ٽئي ميچون اڳ ۾ ملتان ۾ شيڊيول هيون پر لاجسٽڪ ۽ آپريشنل سببن جي بنياد تي اهي راولپنڊي منتقل ڪيون ويون آهن.
هوڏانهن راولپنڊي ۾ شيڊيول ٽئي ٽي ٽوئنٽي ميچون هاڻ لاهور ۾ ٿينديون، جن جون تاريخون 7، 8 ۽ 10 نومبر رکيون ويون آهن.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ڊائريڪٽر انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ذاڪر خان موجب لاجسٽڪ ۽ آپريشنل سببن جي ڪري ملتان جو وينيو دستياب نه هو، تنهن ڪري اسان سيريز جي شيڊيول جو ٻيهر جائزو ورتو ۽ هڪ اهڙيو شيڊيول ترتيب ڏنو آهي، جيڪو ٻنهي ٽيمن، ميچ آفيشلز، براڊ ڪاسٽرز ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين لاءِ موزون آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔