آمنا الياس سالگرهه جي ڏينهن مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو

ڪراچي: من موهڻي ماڊل ۽ اداڪارا آمنا الياس رنگ ڀورو ڪندڙ ڪريمن جي مشهوري ڪندڙن تي هڪ ڀيرو ٻيهر تنقيد ڪئي آهي.
آمنا الياس پنهنجي سالگرهه جي موقعي تي سوشل ميڊيا تي هڪ ويڊيو جاري ڪندي رنگ ڀورو ڪندڙ ڪريمن جي مشهوري ڪندڙن تي ٺٺول ڪئي.
ماڊل مختصر ويڊيو جي مُنڍ ۾ چئي ٿي ته ”مان آهيان آمنا الياس، توهان منهنجي ڪاميابيءَ جو سبب ڄاڻڻ چاهيو ٿا“؟
پوءِ آمنا الياس اٽي سان ڀريل هڪ ٻاٽي ۾ پنهنجو مُنهن وجهي ٿي ۽ چئي ٿي ته ”هاڻ ڪندا منهنجي مداح مون تي اعتماد، خدا جي واسطي، پاڻ کي سڃاڻيو“.
آمنا الياس جي اهڙي عمل کي سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان ڀرپور ساراهيو پيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔