انساني حقن ۽ آرٽ HFH جو آوازِ بي زبان جي آفيس جو دورو

ڪراچي: بي زبان جانورن جو آواز بڻجڻ لاءِ HFH Hands For Help  جي رضاڪارن آواز بي زبان جي آفيس جو رخ ڪيو جتي آرٽ ايڪٽيويٽيز وسيلي جانورن جي حقن بابت آگاهي ۽ شعور پيدا ڪيو ويو

تفصيل موجب اڄ HFH – Hands For Help  جي ٽيم پنهنجي باني ۽ چيئرمين معاذ شفيق جي سربراهي ۾ اقرا يونيورسٽي  اولڊ ڪيمپس ۾ قائم آوازِ بي زبان جي آفيس ۾ تنظيم جي عهديدارن سان ملاقات ڪئي ۽ مستقبل ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو .

ان موقعي تي HFH – Hands For Help  جي چيئرمين معاذ شفيق وائيس آف سنڌ سان خاص ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته هو مستحق ماڻهن جي فلاح ۽ ڀلائي لاءِ هيلٿ ايجوڪيشن، بنيادي ضرورتن ۽ لگزري آئٽمز جي ميدان ۾ ڪم ڪري رهيو هو ، پر هاڻي هو جانورن جي حقن لاءِ به ڪم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو ۽ ان ئي مقصد لاءِ هو هتي آيو آهي

ان موقعي تي هن آوازِ بي زبان جي صدر سدره قمر ،۽ ان جي ٽيم سان ملاقات ڪئي ۽ سندس تجربن مان ڪجهه پرايو .

،معاذ شفيع  وائيس آف سنڌ جي آفيس جو به دورو ڪيو جتي هن وائيس آف سنڌ جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عمير  هارون سان ملاقات ڪئي ، ڊاڪٽر عمير هارون  سندس ڪاوش کي ساراهيندي سهڪار جي خاطري ڪرائي .

ان دوران HFH – Hands For Help  جي رضا ڪارن  جو آرٽ ورڪ به سڀني جي ڌيان جو مرڪز رهيو ، ياد رهي ته آوازِ بي زبان جو مقصد شهر جي رستن تي موجود جانورن جي فلاح ۽ ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻ آهي ، اهو هڪ سال اڳ ۾ قائم ڪيو ويو هو ، ادارو سدره قمر جي سربراهي ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيوآهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔