ڀٽو،مائو،اندرا ۽ هٽلرجي ملاقات،هڪ دلچسپ ۽ منفرد ڊرامو رليز

ڪراچي: پاڪستان ، ڀارت ۽ چين جي لاڳاپن تي ٻڌل دلچسپ ڊرامي تاريخ ڪي مسافر کي رليز ڪيو ويو

هن منفرد ڊرامي ۾ انڊسٽري جي ناليواري اداڪاره حنا دلپذير، سهيل هاشمي، عمير هارون ۽ اداڪار علي خان پنهنجي فن جا جوهر ڏيکاريا آهن.

هي ڊرامو عمير هارون پروڊيوس ڪيو  آهي ، جڏهن ته لکڻي ۽ هدايتون ناليواري اداڪار ساجد حسن جون آهن ، اسڪرين پلي اقبال خورشيد لکيو آهي.

 ڊرامي جي شوٽنگ مقامي يونيورسٽي۾ گذريل ڏينهن ۾ مڪمل ڪئي وئي هئي، ڊرامي جي ڪهاڻي اڳين جهان ۾ ذوالفقار علي ڀٽو، مائوزي تنگ ، اندر گانڌي ۽ هٽلر جي ملاقات جي چوڌاري گهمي ٿي .

ڊرامي جا مڪالمان نهايت ئي دلچسپ آهن ۽ شوٽنگ ۾ نوان تجربا پڻ ڪيا ويا آهن  جيڪي ناظرين کي حيران ڪري ڇڏيندا، مڙني فنڪارن پنهنجي پنهنجي ڪردارن ۾ گهڙي ڪري اداڪاري ڪئي آهي .

حنا دلپذير اندرا گانڌي جي روپ ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو ، هٽلر جي روپ ۾ عمير هارون جاندار اداڪاري ڪئي، علي خان ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪردار ۾ حقيقت جو رنگ ڀريو ، سهيل هاشمي چيني انقلابي  ليڊر جي ڪردار ۾ ٽِڪ وانگر فِٽ هو ، هي منفرد ڊرامو ڊيجيٽل پليٽ فارمز تي انگريزي، ۽ چيني ٻولي جي سب ٽائٽل سان گڏ پيش ڪيو ويو آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔