اطمينان آهي ته اڄ ادارا مضبوط ٿي رهيا آهن: آرمي چيف

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيوآهي ته اسان جا دشمن پنهنجي مقصدن ۾ ناڪام ٿيڻ کانپوءِ مايوس ٿي ويا آهن ۽ اسان کي اطمينان آهي ته اسان جا ادارا مضبوط ٿي رهيا آهن .

پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۾ پاسنگ آئوت پريڊ کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جو چوڻ هو ته سپاهه گري مشڪل رستو آهي جنهن تي هلڻ آسان ناهي ان رستي ۾ پنهنجو پاڻ کي وقف ڪرڻو پوندو آهي ۽ اوهان کي ڊليور ڪرڻو پوندو آهي .

آرمي چيف جو چوڻ هو ته اسان امن لاءِ ڳري قيمت ادا ڪئي آهي ، امن قائم رکڻ لاءِ رت سان ان جي حفاظت کي يقيني بڻائينداسين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔