هفتي ۾ رڳو هڪ ڪلاڪ هيءَ ورزش ڪيو ۽ بيمارين کان پري رهو

واشنگٽن: ورزش جي فائدن مان ته سڀ ڪو واقف آهي پر اها ڳالهه گهٽ ماڻهن ئي خبر هوندي ته وزن کڻڻ جي ورزش سان جيڪي فائدا حاصل ٿيندا آهن، اهي ڪنهن ٻئي طريقي سان حاصل ناهن ٿي سگهندا ۽ اهڙن حيران ڪندڙ فائدن بابت ڄاڻي توهان کي به يقين نه ايندو.
تازو ڪيل هڪ تحقيق ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته جيڪڏهن هفتي ۾ مجموعي طور رڳو هڪ ڪلاڪ (روز 10 منٽن کان به گهٽ) وزن کڻڻ جي ورزش ڪجي ته دل جي دوري ۽ اڌ رنگ جو خطرو 70 سيڪڙو تائين گهٽجي ويندو آهي.
آمريڪا آئيوو اسٽيٽ يونيورسٽي جي سائنسدانن 13 هزار کان وڌيڪ ماڻهن ۾ دل جي مرضن، اڌ رنگ ۽ ورزش سان انهن بيمارين تي اثرن جي مطالعي کانپوءِ اهڙا نتيجا پڌرا ڪيا آهن.
ماهرن موجب وزن کڻڻ جي ورزش يا اهڙو ڪم ڪرڻ، جنهن ۾ وزن کڻڻو پئي، ميٽابولڪ سنڊروم جو خطرو گهٽ ڪري ڇڏيندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ بلڊ پريشر متوازن ٿي ويندو آهي، بلڊ شگر ۾ توازن اچي ويندو آهي، جسم مان فالتو چرٻي جو خاتمو ٿيندو آهي ۽ دل جي صحت سٺي ٿي ويندي آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته اهڙي ورزش سان دل جي مرضن ۽ اڌ رنگ سان گڏوگڏ شگر جو خطرو به گهٽجي وڃي ٿو، ان لاءِ هفتي ۾ مجموعي طور هڪ ڪلاڪ وزن کڻڻ جي ورزش ئي کوڙ آهي پر هروڀرو گهڻي وقت لاءِ وزن کڻڻ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو.
نوٽ: توهان اهڙي ڪا به سرگرمي شروع ڪرڻ کان اڳ پنهنجي ڊاڪٽر سان مشورو ضرور ڪيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔