نوازشريف لنڊن پهچندي ئي صحتياب ٿي ويو، کيس هاڻ واپس اچڻ گهرجي: ياسمين راشد

لاهور: ڊاڪٽر ياسمين راشد چيو آهي ته نوازشريف لنڊن پهچندي ئي صحتياب ٿي ويو. کيس دل جو  علاج ڪرائڻو هو جيڪو هن نه ڪرايو.

اڳوڻي وزيراعظم جو اسپتال ۾ داخل نه ٿيڻ جو مطلب آهي ته هو ٺيڪ آهي ان لاءِ نوازشريف کي هاڻ پنهنجي ملڪ واپس اچڻ گهرجي.  پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته ڪورونا وبا تي  ڪنٽرول ڪيو آهي پر اڃان وائرس ختم ناهي ٿي سگهيو. جيستائين ويڪسين نٿي اچي ڪورونا پکڙجندو رهندو.

  سموري دنيا ۾ پاڪستان جي ڪورونا بابت حڪمت عملي جي تعريف ڪئي پئي وڃي. ٻيهر لاڪ ڊائون کان بچڻ لاءِ ماڻهو احتياطي تدبيرون اختيار ڪن. ماسڪ پائين ۽ سماجي وٿي رکي وڃي.

ٻئي طرف ڪورونا وائرس سبب  ملڪ ۾ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 6 هزار 558 ٿي ويو آهي.  پاڪستان ۾  ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ 3 لک 18 هزار 266 ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔