نوجوان اسان جي ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن: عمران خان

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوان اسان جي ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن. وزيراعظم عمران خان سان مختلف بينڪن جي صدرن ۽ اڳواڻن سان ملاقات ڪئي ۽ ڪامياب جوان انٽرپرينيورشپ اسڪيم جي تحت آسان قرضن جي فراهمي بابت معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ملاقات ۾ ناڻي وزاري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ، واپار بابت صلاحڪار  رزاق دائود، ڊاڪٽر عشرت حسين، عثمان ڊار ۽ گورنر اسٽيٽ بينڪ به شرڪت ڪئي هئي. وزيراعظم عمران خان بينڪن طرفان ڪامياب نوجوان اسڪيم ۾ شموليت ۽ دلچسپي جي تعريف ڪندي چيو آهي ته نوجوانن کي ڪاروبار جا موقعا فراهم ڪرڻ جي حوالي سان بينڪن جو تعاون تعريف جوڳو قدم آهي.

هن چيو ته نوجوان اسان جي ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن. جڏهن ته حڪومت طرفان بينڪن کي  سبسڊي جي فوري طور تي فراهمي کي يقيني بنايو وڃي. وزيراعظم چيو ته بينڪن کي پيش ايندڙ هر مشڪل جو ترجيحي بنيادن تي  حل يقيني بنايو ويندو. تعميراتي شعبن جي معاونت به حڪومت جي اولين ترجيح آهي.

ان کان اڳ عثمان ڊار آسان قرضن جي فراهمي تي وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندي چيو ته حڪومت نه صرف نوجوانن کي ڪاروبار جا بهتر موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پر حڪومت 3 سالن جي لاءِ هڪ سئو ارب روپيه به مقرر ڪيا آهن ۽ هينئر تائين 4 لک 70 هزار درخواستون ملي چڪيون آهن.

عثمان ڊار چيو آهي ته ملندڙ درخواستن جي فوري طور تي جانچ پڙٽال ڪري قرضن جي فراهمي جو سلسلو جاري آهي. جڏهن ته اسڪيم جي تحت پڙهيل لکيل نوجوان سڌو سنئون بينڪن کي درخواستون ڏئي سگهن ٿا هن چيو ته ميرٽ کي نظر ۾ رکندي صاف شفاف طريقي سان قرض فراهم ڪيا پيا وڃن ۽ سڄي ملڪ  جون 21 بينڪون هن اسڪيم ۾ ڀرپور طريقي سان حصو وٺي رهيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔