نيوي جي نئين چيف پاران جي ايڇ ڪيو جو دورو، شهيدن جي يادگار تي حاضري

راولپنڊي: پاڪ نيوي جي نئين چونڊيل چيف ايڊمرل امجد خان نيازي جوائنٽ اسٽاف هيڊ ڪوارٽرز ۽ جي ايڇ ڪيو جو دورو ڪيو جتي هن چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ آرمي چيف سان ملاقات ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب نئين چونڊيل نيوي چيف ايڊمرل امجد خان نيازي جي ايڇ ڪيو جو دورو ڪيو جتي هن  شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ دعا به گهري.

آءِ ايس پي آر موجب ايڊمرل امجد خان نيازي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان به ملاقات ڪئي آهي.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي ۽ نيوي جي سربراهن جي ملاقات ۾ پيشوارانه دلچسپي جي معاملن تي  خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي آرمي چيف ايڊمرل امجد خان نيازي کي پاڪ بحريه جي ڪمانڊ سنڀالڻ تي مبارڪباد به ڏني.

نيول چيف ايڊمرل امجد خان نيازي جوائنٽ اسٽاف هيڊ ڪوارٽر ۽ راولپنڊي جو به دورو ڪيو جتي هن چيئرمين جوائنٽس چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل نديم رضا سان ملاقات ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب جنرل نديم رضا ايڊمرل امجد خان نيازي کي پاڪ نيوي جي ڪمانڊ سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪ  نيوي جي آپريشنل تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔