نواز شريف بينظير جي حڪومت ڪيرائڻ بعد چور دروازي کي عزت ڏني: شهباز گِل

لاهور : وزيراعظم جي خصوصي معاون جي نواز ليگ تي ڇتي تنقيد، شهباز گِل چيو آهي ته نواز شريف بينظير جي حڪومت ڪيرائڻ بعد چور دروازي کي عزت ڏئي وزيراعظم ٿيو هو، ووٽ کي عزت ڏيڻ جي ڳالهه ڪندڙ ٻڌائين ته ڇا جليل شرقپوري ووٽ کي عزت ڏئي نه آيو آهي، گذريل ڏينهن ساڻس جيڪو رويو اختيار ڪيو ويو، اُهو اخلاقي ڪلچر نه آهي، جليل شرقپوري جو ڏوهه رڳو اهو آهي ته هُن قومي ادارن خلاف پنهنجي قائد جي بيانيي کي تسليم نه ڪيو، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شبهاز گِل چيو ته اپوزيشن قوم کي بيوقوف بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، اُهي جمهوريت جي نالي تي پنهنجي چوري بچائڻ لاءِ تحريڪ هلائي رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔