احتساب عدالت جي ٻاهران نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيڻ جا نوٽيس لڳايا ويا

لاهور: احتساب عدالت جي ٻاهران اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ميان نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيڻ جو نوٽيس لڳايو ويو آهي.

احتساب عدالت لاهور جي جج اسد علي خان  عدالت ۽ نوازشريف جي رهائشگاهه جي ٻاهران  غيرقانوني پلاٽس الاٽ ڪرڻ جي ڪيس ۾ اشتهاري قرار ڏيڻ جو نوٽيس لڳائڻ جو حڪم جاري ڪيو. جاچ آفيسر پرڏيهي وزارت جي ذريعي اشتهاري قرار ڏيڻ جو نوٽيس لنڊن  موڪليندو.

ڪجهه ڏينهن اڳ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف  کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو آخري موقعو ڏيندي ان جي طلبي جو اشتهار انگريزي ۽ ادو اخبارن ۾ شايع ڪرڻ جو حڪم ڏنوهو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي خلاف اپيلن تي 7 آڪٽوبر جي ٻڌڻي جو لکت وارو حڪم جاري ڪندي نوازشريف کي  اشتهار جي ذريعي 24 نومبر تائين پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم نامي موجب نوازشريف جي طلبي جو اشتهار هاءِ ڪميشن جي ذريعي برطانيه موڪليو ويندو.

ان کان علاوه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي بذريعي اشتهار طلب ڪندي چيو هو ته اڳوڻو وزيراعظم جيڪڏهن 30 ڏينهن جي اندر پيش نه ٿيو ته کيس اشتهاري قرار ڏنو ويندو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ نوازشريف جي العزيزيه  ۽ ايون فيلڊ ريفرنس بابت اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔