سٺ ڪروڙ ڊالرز جا فن پاره چورائيندڙ جوابدار گرفتار

هانگ ڪانگ سٽي: هانگ ڪانگ سٽي جي تاريخ ۾ نوادرات ۽ مصوري جي سڀ کان وڏي چوري ۾ ملوث ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
انهن فن پارن ۾ نو فٽ ڊگهو هڪ ٽڪرو به شامل آهي جنهن جي باري ۾ چيو پيو وڃي ته اهو چين جي اڳوڻي ۽ مشهور ليڊر مائوزيتنگ جي خطاطي جو نمونو آهي، چورن ان کي ڪٽي ٻه اڌ به ڪري ڇڏيو آهي.
ان کان علاوه مائوزيتنگ جي هٿ سان ٺاهيل خطاطي جا 6 ننڍا نمونا، 10 عدد قديم سڪا ۽ 24 هزار کان وڌيڪ ڊاڪ جون ناياب ٽڪيٽون به آهن.
هي نوادرات هڪ ماڻهوءَ جي ذاتي خزاني مان چورايون ويون آهن جن جي ماليت هڪ کرب کان وڌيڪ ٻڌائي پئي وڃي، جڏهن ته هانگ ڪانگ جي ڪرنسي ۾ اها رقم 5 ارب ڊالرز جي برابر آهي، سي سمورا نوادرات 10 سيپٽمبر تي هڪ اپارٽمنٽ مان چورايا ويا هئا،

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔