وزيراعظم عمران خان جي عمران اسماعيل کي ڀنڊار ٻيٽ بابت معاملا سنڌ حڪومت سان گڏجي طئي ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل کي ڀنڊار ٻيٽ بابت معاملا سنڌ حڪومت سان گڏجي طئي ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان ملاقات ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته ڀنڊار ٻيٽ منصوبي سان سيڙپڪاري ۽ روزگار جا وڏا موقعا پيدا ٿيندا.

وزيراعظم سان ملاقات کانپوءِ اسلام آباد ۾ وفاقي وزير علي زيدي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران اسماعيل چيو ته وزيراعظم ڪراچي جي ٻيٽن ۾ 2 نوان شهر آباد ڪرائڻ چاهي ٿو، ڀنڊار ٻيٽ سنڌ جو ئي حصو رهندو، ڏيڍ لک نوڪريون پيدا ٿينديون، ڀنڊار آءِ لينڊ سان ٿيندڙ آمدني به سنڌ حڪومت کي ويندي.

هن ٻڌايو ته وزيراعظم هائوس ۾ گڏجاڻي ۾ ڀنڊار ٻيٽ ۽ راوي سٽي بابت ڳالهه ٻولهه ٿي، وزيراعظم جي خواهش آهي ته ڀنڊار ٻيٽ، راوي سٽي کان وڌي بهتري سان اُڀري، ٻه نوان شهر آباد ڪرائڻ چاهيون ٿا، ڀنڊار آءِ لينڊ ڪو هائوسنگ پراجيڪٽ ناهي.

سندس چوڻ هو ته گدلاڻ جي مسئلن کي نظر ۾ رکي گڏيل ماسٽر پلان تحت شهر آباد ڪيو ويندو، ڀنڊار آءِ لينڊ جي پاڻي کي صاف ڪيو ويندو، ٻيٽ اسلام آباد نه کڻي وينداسين، 40 کان 50 لک سياح ايندا، سمورو روينيو سنڌ حڪومت کي ويندو.

ان موقعي تي سامونڊي معاملن بابت وفاقي وزير علي زيدي چيو ته ان کان اڳ ڄاڻايل ٻيٽن جي ليز پورٽ قاسم ڏني هئي ۽ ڀنڊار ٻيٽ 1973 جي ايڪٽ تحت پورٽ قاسم اٿارٽي جو حصو آهي، ان معاملي کي سياسي نه بڻايو.

هن چيو اهو تاثر غلط آهي ته سنڌ تي ڪو قبضو ڪيو پيو وڃي، اسان سنڌ حڪومت سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔