ڪراچي پئڪيج جو نالو سنڌ پيڪيج هجڻ گھرجي: شبلي فراز

ڪراچي: سنڌ سماءَ بابت وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته ڪراچي پيڪيج جو نالو سنڌ پيڪيج هجڻ گھرجي

ڪراچي ۾ سي پي اين اي جي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته نيب جي قانون ۾ سڌارا آندا ويندا، پر مخالف ڌر کي ڪرپشن تي رعايت نه  ڏني ويندي هن چيو ته ڪرپشن ڪندڙن جو احتساب ڪرڻ لاءِ عوام پي ٽي آءِ کي ووٽ ڪيو آهي، هن چيو ته علائقائي اخبارن جا مسئلا ترجيجي بنيادن تي حل ڪيا ويندا ان لاءِ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ميڪنزم جوڙيو  ويندو، جنهن سان سڀني جون شڪايتون ختم ٿي وينديون، وفاقي وزير سي پي اين اي کي خاطري ڪرائي ته سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي اعتماد ۾ وٺي ميڊيا جا مسئلا حل ڪيا ويندا

شبلي فراز جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪراچي پئڪيج جو نالو سنڌ پئڪيج هجڻ گهرجي، ڪراچي سنڌ صوبي جو حصو آهي ان جي ترقي سنڌ حڪومت جي به ذميواري آهي، جنهن ڪراچي کي نظرانداز ڪيو آهي ..

تقريب کي خطاب ڪندي سي پي اين اي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر جبار خٽڪ چيو ته سڌ سماءَ کاتي کي علائقائي اخبارن جي مسئلن جي حل لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته علائقائي اخبارون عوام جو آواز بڻيل آهن، ان سان حڪومت کي به عوام جا مسئلا سمجهڻ ۽ حل ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي ..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔