بزدل نه کپن، ملڪ بچائڻو آ ته ظلم خلاف اُٿڻو پوندو: نواز شريف

لاهور : ن ليگ قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي فارن فنڊنگ ڪيس جي انڪوائري نه پئي ٿئي، منهنجي خلاف جاچ ۾ ڳجهن ادارن جي ماڻهن کي به  ويهاريو ويو.

ن ليگ پارليامينٽرين ۽  ٽڪيٽ هولڊرن جي گڏجاڻي کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته اسان پاڪستان جي دفاعي ضرورتن کي دل ۽ جان سان پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن پاڪستاني فوج دنيا جي بهترين فوج بڻجي، مون کي خوشي آهي ته فوج جو وڏو حصو آئين جي پاسداري ڪندو آهي، ڪجهه ماڻهن فوج کي بدنام ڪيو.

هن چيو ته ملڪ ۾ آئين موجب نه پارليامينٽ کي هلڻ ڏنو ويندو آهي ۽ نه عدليا کي، ڪجهه طاقتون مڪمل طور حاوي ٿي وينديون آهن، مون کي مکڻ مان وار جيان ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪيو ويو، جيڪڏهن مارشل لا نه لڳي ها ۽ مون کي ملڪ کان ٻاهر نه موڪليو وڃي ها ته ٻڌايو مون کي ڪهڙي ضرورت هئي اقامو وٺڻ جي؟ اتي رهڻ لاءِ اقامو ضروري هو، اهو پهريون موقعو هو ته مون وٽ اقامو هو، مان پنهنجي پٽ جي پگهار ورتي ته منهنجي مرضي، نه ورتي ته به منهنجي مرضي، هڪ وزيراعظم کي ان ڪري توهان ٻاهر ٿا ڪيو ته هن پنهنجي پٽ کان پگهار نه ورتي، هن وٽ اقامو هو.

سندس چوڻ هو ته فارن فنڊنگ ڪيس روڪرائڻ لاءِ اهي هٿ پير هڻي رهيا آهن، توهان جا هٿ صاف آهن ته ڇو روڪرائي رهيا آهيو، اسان جي معاملن ۾ ته ڳجهن ادارن جا ماڻهو به ويٺا هئا، هتي انڪوائري نٿي هلڻ ڏني وڃي.

نواز شريف چيو ته اسان فيصلائتي مرحلي مان گذري رهيا آهيون، اڄ تائين پاڪستان جي مسئلي جي اصل پاڙ جي سڃاڻپ نه ڪئي وئي، جنهن سبب عوام کي هي ڏينهن ڏسڻا پئجي رهيا آهن، پاڪستاني هجڻ جي حيثيت سان منهنجو فرض آهي ته ان جي نشاندهي ڪيان، ان ڪري ئي آل پارٽيز ڪانفرنس سامهون تقرير ڪئي، مان سوچي سمجهي اي پي سي سامهون پنهنجي گفتگو ڪئي، اهو مسئلو اجاڳر ڪيو هو، صاف ۽ شفاف طريقي سان ڳالهه قوم تائين پهچائي.

ن ليگ قائد چيو ته هڪ ڪروڙ نوڪرين جو واعدو ڪندڙن ڏيڍ ڪروڙ ماڻهن کي بيروزگار ڪري ڇڏيو، انهن چيو اسان 50 لک گهر ڏينداسين، مون کي ڪو پاڪستاني ٻڌائي ته ڪنهن کي هڪ گهر به مليو، انهن وڏا وڏا واعدا ڪيا پر هر ڳالهه تي يوٽرن ورتو.

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته مسئلن تي کليل نموني ڳالهه نه ٿيندي ته ايندڙ نسلن کي ڇا ڏينداسين؟ اسان غلام بڻجي ملڪ ۾ نٿا رهي سگهون، جيڪڏهن ائين ٿيندو رهيو آ ته اڳتي نه ٿيندو، ايندڙ نسل دشمنن حوالي نٿا ڪري سگهون، انهن کي تباهه نٿا ڪري سگهون، نئين پاڪستان جي ڳالهه ڪندڙ سائي پاسپورٽ جي ڇا عزت ڪرائيندا؟ جيڪي پِني رهيا آهن اهي ملڪ کي ڪهڙو وقار ڏياريندا؟

سندس چوڻ هو ته اسان کي پاڪ فوج سان پيار آهي، فوجي جوان ۽ آفيسر عزيز آهن پر اهي عزيز ناهن جيڪي ڌانڌلي ڪرائن، ووٽ چوري ڪري پي ٽي آءِ کي ڏياريا ويا، ملڪ پٽڙيءَ تي هلي رهيو هو، اسان کي فارغ نه ڪيو وڃي ها ته پاڪستان معاشي ترقي ڪري رهيو هو، سي پيڪ پنهنجا هدف حاصل ڪري ها، ملڪ ۾ خوشحالي اچي ها، دنيا اسان کي تسليم ڪري ها، اسان پٽڙيءَ تان لهي ويا سين، ووٽ کي عزت نه ڏني وئي ته پاڪستان جي عزت به گهٽجندي ويندي.

هن پارليامينٽيرينز کي مخاطب ٿيندي چيو ته چونڊون اسان کٽيون پر کٽرايون تبديلي وارن کي ويون، آئين ٽوڙيو ويو، اهو وڏو ڏوهه آهي جنهن جي معافي ناهي، اسان کي ۽ قوم کي بزدل ماڻهن جي ضرورت ناهي، اهي گهر ويهي رهن، جيڪڏهن توهان کي ملڪ بچائڻو آهي ته دل وڏي ڪيو، بهادري ڏيکاريو، ظلم خلاف اُٿو، عوام توهان جو ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار آهي، توهان پنهنجي پيرن تي بيهڻ سکو.

نواز شريف چيو ته عمران خان کي آڻيندڙ ان سوکڙي کي واپس وٺي وڃن، ان ملڪ جي تباهي ڪري ڇڏي آهي، سليڪٽر ٻڌائن ته انهن هن شخص کي ڇو مڙهيو، انهن کي جواب ڏيڻو پوندو، اسان سُک سان نه ويهنداسين، مون کي ڪڍندڙ ٻڌائن ته عمران خان بني گالا جي مني ٽريل ڪڏهن ڏيندو، بشير ميمڻ انهن جي ڪرتوتن کي وائکو ڪري ڇڏيو، اهو ايماندار ماڻهو آهي، عمران خان کيس چيو ته نواز شريف تي ڪرپشن، دهشتگردي ۽ غداري جا ڪيس ڪيو پر هن جواب ڏئي ڇڏيو، پوءِ هنن اهو ڪم نيب کان ورتو.

ن ليگ قائد موجب شهباز شريف پنجاب لاءِ وڏو ڪم ڪيو، ان کي گرفتار ڪري انهن جي انا کي سڪون مليو هوندو پر ٻڌايو ته عمران خان جي آمدني جا ذريعا ڪهڙا آهن، بني گالا ڪيئن ٺهيو؟ ملڪ ۾ جاري ان تماشي خلاف اُٿڻو پوندو، اسان خاموش تماشائي بڻجي نٿا ويهي سگهون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔