پنجاب ۾ ڪورونا ڪيس ۽ فوتگين ۾ واڌ اچڻ لڳي، سمارٽ لاڪ ڊائون جو امڪان

لاهور: ڪورونا جي روڪٿام بابت پنجاب جي ڪابينا ڪاميٽي خبردار ڪيو آهي ته ڪجهه ڏينهن کان ڪورونا ڪيسن ۽ فوتگين ۾ اضافو ٿي ويو آهي.

ڪورونا روڪٿام بابت ڪابينا ڪاميٽي جو اجلاس پنجاب جي قانون واري وزير راجا بشارت جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ صحت جي وزير ياسمين راشد، ميان اسلم اقبال ۽ لاڳاپيل کاتن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته گوجرانوالا، ننڪانه صاحب ۽ گجرات هاءِ رسڪ ضلعا آهن، عوام جيڪڏهن احتياط نه ڪيو ته متاثر علائقن ۾ ٻيهر سمارٽ لاڪ ڊائون ڪري سگهجي ٿو.

ڪاميٽي کي ٻڌايو ويو ته پنجاب ۾ سخت قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، اجتماعن ۽ شادي هالز ۾ ماسڪ توڙي سماجي فاصلي تي پابندي نظر نٿي اچي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔