جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سنڌ حڪومت تي ڏنڊ رکي ڇڏيو

اسلام آباد:سپريم ڪورٽ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران سنڌ حڪومت تي ڏنڊ رکي ڇڏيو.

جسٽس قاضي عيسيٰ فائز جي سربراهي ۾ قائم سپريم ڪورٽ ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت سنڌ جي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل پاران مهلت جي درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ سنڌ حڪومت تي غيرضروري دير سبب ڌرين جي وڪيلن کي خرچ ڏيڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت ايندڙ ٻڌڻي کان پهرين وڪيل امداد علي ۽ ضميرالله کي پنجاهه پنجاهه هزار ادا ڪري.

سنڌ جي ايڊيشنل ايڊيووڪيٽ جنرل عدالت کان ٻن ڏينهن جي لاءِ مهلت گهري ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اسان وٽ دير جو اختيار ناهي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 5 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔