وقت اچي ويو آ ته سليڪٽڊ حڪومت خلاف عوام اُٿي بيهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي : پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان پارٽي اڳواڻن ملاقات ڪري حڪومت مخالف تحريڪ جي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي.

بلاول ڀٽو زرداري سان نفيسا شاهه، قمر زمان ڪائرا ۽ مصطفيٰ نواز کوکر ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پي ڊي ايم جي حڪومت مخالف مهم جي تيارين جو جائزو ورتو ويو.

ملاقات دوران سڄي ملڪ ۾ پي ڊي ايم تحت جلسن ۽ ريلين جي معاملن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

بلاول ڀٽو زرداي چيو ته پ پ جي اي پي سي جي نتيجي ۾ پي ڊي ايم جو قائم ٿيڻ اهم اڳڀرائي آهي، اپوزيشن جو اتحاد هٿ ٺوڪي سرڪار جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندو، وقت اچي ويو آهي ته سليڪٽڊ سرڪار خلاف عوام اُٿي بيهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔