”حڪومتي وزير عوامي مسئلن تي ڳالهائڻ بدران رڳو الزام هڻي رهيا آهن“ :شاهد خاقان

اسلام آباد : ن ليگ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته مان حب الوطني جو سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ درخواست ڏيڻ چاهيان ٿو.

اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته الزامن جو سلسلو جاري آهي، اڄ سمورا وزير عوامي مسئلن تي ڳالهائڻ بدران الزام هڻي رهيا آهن، حڪومت حب الوطني ۽ غداري جا سرٽيفڪيٽ نه ورهائي پر عوامي مسئلا حل ڪري، حب الوطني جو سرٽيفڪيٽ ڪٿان ملندو آهي مون کي به ٻڌايو، درخواست ڏيڻ چاهيان ٿو.

هن چيو ته ڊي جي ايف آءِ اي جي ڳالهين مان ثابت ٿي ويو ته وزيراعظم سڄو ڏينهن اپوزيشن کي گرفتار ڪرائڻ جو سوچيندو آهي، 4 ۽ 5 آڪٽوبر جي وچين رات نواز شريف ۽ ٻين تي غداري جو ڪيس داخل ٿيو، وزيراعظم سميت حڪومتي نمائندن کي علم ئي ناهي ڪيس ڪنهن داخل ڪرايو، وزيرن ۽ ڀاڙي جي ترجمانن سميت سڀ گم آهن، عمران خان سميت وزير ۽ حڪومتي نمائندا ڪيس ۾ شاهد طور شامل ٿي وڃن، اسان کي گرفتار ڪن ۽ ڪيس هلائن.

سندس چوڻ هو ته ن ليگ ڪيسن کان نٿي ڊڄي، عوامي عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ڪيو، ڪيس جي ڪارروائي کليل عدالت ۾ هلائي وڃي، اڄ سڄو پاڪستان روئي رهيو آهي، جڏهن ته ڀارت ۽ مودي کلي رهيو آهي، توهان جي عمل سان پاڪستان جي دنيا ۾ بي عزتي ٿي رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔