آئين، قانون ۽ جمهوريت جو ڪنڌ جهڪڻ نه ڏينداسين: مريم نواز

لاهور : ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته ملڪ جي بيماري جو علاج ”ووٽ کي عزت ڏيو“ جي نعري ۾ لڪيل آهي.

لاهور ۾ ن ليگ جي پارٽي اجلاس کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته نواز شريف ڀارت جي 5 ايٽمي ڌماڪن جو جواب 6 ڌماڪن سان ڏنو، اهو غدار ڪيئن ٿيو جنهن ملڪ کي دفاعي لحاظ سان مضبوط ڪيو، نواز شريف پاڪستان لاءِ جي ايف 17 ٿنڊر ٺاهيو، سندس ڪيس گهٽي گهٽي ۽ گهر گهر پهچي چڪو آهي.

هن چيو ته ووٽ جي عزت کي پامال ڪيو ويو، ووٽ جي عزت ۽ حرمت پامال ٿي آهي، ان جا شاهد پارٽي جا ٽڪيٽ هولڊر آهن، اسان چونڊن ۾ ٿيندڙ ڌانڌلي خلاف گڏجي بيٺا آهيون ۽ هاڻ فيصلائتي جدوجهد ڏانهن وڌي رهيا آهيون.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي هر بيماري جو علاج ”ووٽ کي عزت ڏيو“ ۾ آهي، ووٽ کي عزت نه ملي ته نااهل مڙهجي ويندا آهن، آئين، قانون ۽ جمهوريت جو ڪنڌ جهڪڻ نه ڏينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔