ٻيٽن جي معاملي تي وفاق ۽ صوبائي حڪومت کان جواب طلب

ڪراچي : سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي والار خلاف درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس سيد يوسف علي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي قبضي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار بئرسٽر شهاب اوستي پنهنجي موقف ۾ چيو ته ٻيٽ وفاق حوالي ڪرڻ سنڌ جي عوام جي بُنيادي حقن تي راتاهو آهي، آئين ۽ قانون موجب ٻيٽ صوبائي ملڪيت آهن، صوبي کان ڪا به زمين حاصل ڪرڻ کان اڳ قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ لازمي هوندو آهي.

درخواست ۾ آءِ لينڊ اٿارٽي قائم ڪرڻ وارو آرڊيننس غير آئيني قرار ڏيڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.

عدالت درخواست تي وفاق ۽ سنڌ حڪومت کي نوٽيس جاري ڪندي ڌُرين کان 23 آڪٽوبر تائين جواب طلب ڪري ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔