ادب جو نوبل انعام آمريڪي شاعرا لوئس گلڪ جي نانءُ

اسٽاڪ هوم : ادب جي شعبي جو نوبل انعام آمريڪي شاعرا لوئس گلڪ ماڻي ورتو آهي.
سوئيڊش اڪيڊمي موجب 77 ورهين جي آمريڪي شاعرا لوئس گلڪ کي سندس بي باڪ ۽ انساني وجود جي آفاقي خوبصورتي جاڳائيندڙ شاعري تي ادب جو نوبل انعام ڏنو ويو آهي.
آمريڪي رياست نيو يارڪ سان واسطو رکندڙ لوئس گلڪ پيشي جي لحاظ سان هڪ ماسترياڻي آهي ۽ آمريڪي يونيورسٽي ۾ انگريزي ادب پڙهائيندي آهي.
لوئس گلڪ پهريون ڀيرو 1968 ۾ پنهنجي ڪم سان شهرت ماڻي هئي، کيس ادبي خدمتن عيوض ان کان اڳ به ڪيترن ئي آمريڪي ۽ عالمي ادبي ايوارڊن سان نوازيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔