ٽرمپ جو افغانستان مان پنهنجا فوجي ڪڍڻ جو اعلان

واشنگٽن : آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته اسان هن سال ڪرسمس کان اڳ افغانستان مان سمورا آمريڪي فوجي وطن واپس آڻڻ چاهيون ٿا.
اهڙي خواهش جو اظهار هن سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ ڪيو.
افغانستان مان آمريڪي فوجي ڪڍڻ 4 سال اڳ ڊونلڊ ٽرمپ جي صدارتي مهم جو اهم نڪتو هو پر کيس اڃا تائين ان مقصد ۾ ڪاميابي حاصل ناهي ٿي سگهي.
هن سال فيبروري ۾ طالبان سان معاهدي کانپوءِ جنگبندي جا قدم وقفن جو شڪار رهيا آهن.
اربع ڏينهن افغانستان لاءِ آمريڪي نمائندي زلمي خليل زاد هڪ بيان ۾ چيو هو ته سموريون ڌريون امن لاءِ ڪوششن ۾ آهن.
واضح رهي ته افغانستان ۾ اڄ به آمريڪا جا 8600 فوجي مقرر آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔