نيها ڪڪڙ ڪاميابيءَ جا اڳيان پويان رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا

ممبئي : بالي ووڊ جي مشهور گلوڪارا نيها ڪڪڙ ڪاميابيءَ جا اڳيان پويان رڪارڊ ٽوڙيا ڇڏيا.
نيها ڪڪڙ 2016 ۾ پنهنجي خوبصورت آواز ۾ ”ملي هو تم هم ڪو“ جي ٻولن تي ٻڌل گيت رليز ڪيو هو، جنهن تي 1.2 ملين مطلب هڪ ارب کان وڌيڪ ويوز اچي ويا آهن، جنهن کانپوءِ گلوڪارا جو اهو گيت پهريون ”ڀارتي لو سانگ“ بڻجي ويو آهي، جنهن تي هڪ بلين ويوز آيا آهن.
انسٽاگرام تي نيها ڪڪڙ پنهنجي ڀاءُ ٽوني ڪڪڙ سان هڪ هڪ ويڊيو پوسٽ ڪئي، جنهن ۾ هن ايڏي وڏي ڪاميابي ماڻڻ تي سڀني مداحن جا ٿورا مڃيا.
نيها پنهنجي ويڊيو پيغام ۾ سڀ کان اڳ ڀاءُ ٽوني ڪڪڙ جا ٿورا مڃيا، ڇو ته ”ملي هو تم هم ڪو“ کي ڪمپوز ۽ تحرير ڪندڙ سندس ڀاءُ ئي آهي.
گلوڪارا موجب يقين نه پيو اچي ته منهنجو گيت ڀارت جو پهريون لو سانگ بڻجي ويو آهي، جنهن تي هڪ ارب کان وڌيڪ ويوز آيا آهن.
سندس چوڻ هو ته ان گيت جي ويڊيو رڳو 11 هزار رپين ۾ تيار ڪئي وئي پر اڄ ان جي مقبوليت ڏسڻ کانپوءِ ان ڳالهه تي يقين ٿي ويو آهي ته ڀلي ڪجهه به ٿي وڃي، سٺي شئي کي ڪاميابي ضرور ملندي آهي.
نيها ڪڪڙ چيو ته مان ان ڪاميابي تي ڏاڍي خوش آهيان ۽ سڀني مداحن جا ٿورا مڃان ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔