آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جو اسڪردو ۽ گلگت جو دورو

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه اسڪردو ۽ گلگت جو دورو ڪيو آهي جتي کيس موجوده صورتحال ۽ آپريشنل تيارين تي بريفنگ ڏني وئي .

پاڪ فوج جي عام تعلقاتن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف کي ايل او سي تي مقررجوانن جي مقرري تي به بريفنگ ڏني وئي .

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف آفيسرن ۽ جوانن کي خطاب به ڪيو ۽ انهن جي بلند حوصلي ۽ آپريشنل تيارين جي واکاڻ ڪئي .

آرمي چيف پاڪ فوج جي آپريشنل تيارين جي تعريف ڪئي ۽ خطرناڪ جو اثرائتي انداز سان جواب ڏيڻ لاءِ اعليٰ سطح جي تيارين تي زور ڏنو.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف گلگت ۾ اسٽيٽ آف دي آرٽ سافٽ ويئر ٽيڪنالوجي پارڪ جو به افتتاح ڪيو .

اسٽيٽ آف دي آرٽ سافٽ ويئر ٽيڪنالوجي پارڪ ايس سي او جو منصوبو آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔