ايڊمرل امجد خان نيازي سامونڊي فوج جي نئين سربراهه طور ذميواريون سنڀالي ورتيون

اسلام آباد: ايڊمرل امجد نيازي سامونڊي فوج جي نئين سربراهه جون ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن.

نيول هيڊ ڪوارٽر پي اين ايس ظفر ۾ سامونڊي فوج جي سربراهه جي ڪمان جي تبديلي جي پر وقار تقريب ٿي جنهن ۾ پرڏيهي سفيرن سميت اعليٰ شخصيتن شرڪت ڪئي.

سامونڊي فوج جي دستي سبڪدوش ٿيل سربراهه ايڊمرل ظفر محمود عباسي کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو .

ايڊمرل ظفر محمود عباسي ايڊمرل امجد خان نيازي کي سامونڊي فوج جي ڪمان حوالي ڪئي .

ايڊمرل امجد خان نيازي سامونڊي فوج جي 22 هين سربراهه جي حيثيت سان ذميواريون سنڀاليون آهن.

 ڪمان جي تبديلي جي تقريب کي خطاب ڪندي سبڪدوش ٿيل ايڊمرل ظفرمحمود عباسي سامونڊي فوج جي نئين سربراهه امجد نيازي کي مبارڪباد ڏني .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔