نوازشريف جي خلاف ڪيس داخل ڪرائيندڙ بدر رشيد گهر مان غائب

لاهور: اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف سميت  ليگي اڳواڻن جي خلاف ڪيس داخل ڪرائيندڙ بدر رشيد گهر مان غائب ٿي ويو آهي.

رپورٽ موجب اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي خلاف ڪيس داخل ڪرائيندڙ شهري بدر رشيد عرف بيرا لاهور جي علائقي شاهدره ۾ رشيد پارڪ جو رهواسي آهي. ايف آءِ آر تي لکيل بدر رشيد جو موبائل فون نمبر به بند ملي رهيو هو. صحافين جي ٽيم ۽ شهري بدر رشيد جي گهر پهچي ويا. گهر جو دروازو وڄائڻ تي هڪ عورت ٻاهر آئي جنهن ٻڌايو ته مان بدر رشيد جي بهابهي آهيان.

بدر رشيد جي بهابهي ڪيمرا جي سامهون ڳالهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. مذڪوره عورت ٻڌايو ته بدر رشيد سومر کان گهر  ناهي آيو ان کان وڌيڪ مان ڪجهه به نٿي ٻڌائي سگهان. واضح رهي ته گذريل ڏينهن اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻن جي خلاف بغاوت جو ڪيس لاهور جي شاهدره ٿاڻي ۾ داخل ڪرايو ويو جنهن تي اپوزيشن پارٽين سخت رد عمل جو اظهار ڪيو.

جڏهن ته حڪومت ان ڪيس کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو آهي. مدعي بدر رشيد خان بيرا  پاڪستان تحريڪ انصاف يوٿ ونگ راوي ٽائون جو صدر آهي ۽ ان جي  پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور سان ملاقاتن جي تصوير به سامهون اچي رهي آهي. ٻئي طرف گورنر هائوس پنجاب پاران به ليگي اڳواڻن جي خلاف ڪيس جي مدعي کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔