افغان صوبي لقمان ۾ گورنر جي قافلي مٿان حملو، اٺ ڄڻا مارجي ويا

ڪابل: افغان صوبي لقمان جي گورنر جي قافلي تي بم حملي جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 30 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.افغان ميڊيا موجب صوبي لقمان جي گورنر رحمت الله يارمل جو قافلو گيسٽ هائوس کان آفيس طرف وڃي رهيو هو ته ان دوران گاڏي جي ويجهو بم ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 20 زخمي ٿي پيا. پر افغان حڪومت طرفان اڃان تائين فوتگين يا ڪنهن جي زخمي ٿيڻ جي تصديق نه ڪئي وئي آهي.ٻئي طرف لقمان جي گورنر جي ترجمان به قافلي مٿان بم ڌماڪي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته گورنر رحمت الله يارمل حملي ۾ مڪمل محفوظ آهي پر ٻين ماڻهن جي جاني نقصان جو امڪان آهي. جڏهن ته اڃان تائين طالبان سميت ڪنهن به گروپ گروپ طرفان حملي جي ذميواري قبول نه ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔