سنڌ ۾ پهريون ڀيرو سڄو سيارو سي اين جي اسٽيشنون بند رکڻ جو فيصلو

ڪراچي : سنڌ ۾ پهريون ڀيرو سڄو سيارو سي اين جي اسٽيشنون بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
سوئي سدرن گئس ڪمپني (ايس ايس جي سي) موجب 15 آڪٽوبر کان سڀني سي اين جي پمپن کي گئس جي فراهمي بند ڪرڻ جو منصوبو تيار آهي ۽ 15 آڪٽوبر کان رڳو ايل اين جي ملندي.
سوئي سدرن اختيارين چيو آهي ته مقامي گئس تي ڪيتريون ئي سي اين جي اسٽيشنز 4 مهينن کانپوءِ 15 فيبروري کان کولڻ جو منصوبو آهي.
هوڏانهن گئس پمپ مالڪن جو چوڻ آهي ته مقامي گئس بدران وڌ کان وڌ پمپ ايل اين جي تي منتقل ڪيا پيا وڃن، سنڌ کي گهرجي ته وفاق کان حصي ۾ واڌ حاصل ڪري.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ تقريبن 700 مان 108 پمپ قطري ايل اين جي تي منتقل ڪيا ويا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔