ڀارت ۾ هڪ ٻي دلت ڇوڪري اجتماعي لڄالٽ کانپوءِ زندگي جي جنگ هارائي وئي

نئين دهلي : ڀارت ۾ هندن جي هيٺين ذات ”دلت“ سان واسطو رکندڙ هڪ ٻي ڇوڪري اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻجڻ کانپوءِ زندگي جي جنگ هارائي وئي.
ڀارتي ميڊيا موجب تازو واقعو به اتر پرديش ۾ پيش آيو آهي، جتي بلرام پور ضلعي ۾ جوابدارن 22 ورهين جي ناريءَ کي اغوا کانپوءِ اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻايو.
رپورٽ موجب متاثر ناري انتهائي خراب حالت ۾ وڏي ڏکيائي سان گهر پهتي ۽ گهر وارا کيس اسپتال کڻائي پئي ويا ته هن رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو.
مقامي پوليس موجب واقعي ۾ ملوث ٻه جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته انهن جي سڃاڻپ ظاهر ناهي ڪئي وئي.
واضح رهي ته ٻه ڏينهن اڳ پڻ ان ئي رياست جي ضلعي هتراس ۾ اعليٰ ذات جي هندن هٿان دلت ڇوڪري لڄالٽ جو نشانو بڻجڻ کانپوءِ اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري وئي هئي.
ڀارت ۾ اجتماعي زيادتي جي واقعن کانپوءِ عوام ۾ سخت ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي ۽ مودي سرڪار کان جوابدارن جي گرفتاري ۽ سخت سزا جو مطالبو ڪيو پيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔