ڀارت ۽ ڀارتي انٽيليجنس ايجنسيون مني لانڊرنگ ۽ مالي ڏوهن ۾ ملوث آهن : پاڪستان

اسلام آباد: پاڪستان چيو آهي ته ڀارت ۽ ڀارتي انٽيليجنس ايجنسيون مني لانڊرنگ ۽ مالي ڏوهن ۾ ملوث آهن

پرڏيهي کاتي جي ترجمان زاهد حفيظ چوڌري هفتيوار بريفنگ ۾ چيو آهي ته ڀارت سڄي دنيا ۾ رياستي دهشتگردي جو حامي آهي، ڀارت ۾ اڄ نه جمهوريت آهي ۽ ان ئي هن جون عدالتون آزاد آهن، بابري مسجد ڪيس جي سموران جوابدارن کي آزاد ڪيو ويو.

زاهد حفيظ چوڌري چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي آپريشن ۽ لاڪ ڊائون کي 428 ڏينهن ٿي چڪا آهن، صورتحال انتهائي بدتر آهي، گذريل ڏينهن وڌيڪ 6 ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو، اڻڄاتل ماڻهن هٿان ايڊووڪيٽ بابر قادري جي شهادت جي مذمت ڪيون ٿا.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته ڀارت ۽ ڀارتي انٽيليجنس ايجنسيون مني لانڊرنگ ۽ مالي ڏوهن ۾ ملوث آهن، ڀارت سڄي دنيا ۾ رياستي دهشتگردي جو حامي آهي، گذريل هڪ ڏينهن ڀارتي عدالت جي ذريعي ڏنل جانبداراڻي ۽ شرم جوڳي فيصلي ڀارت کي سڄي دنيا جي سامهون بي نقاب ڪري ڇڏيو، اِهو فيصلو هندوتوا نظريي جي تحت ڏنو ويو.

زاهد حفيظ چوڌري چيو ته ڪمانڊر ڪلڀوشن جاويد جي گهرواري ۽ والد سان هن جي ملاقات جي آڇ هاڻ به موجود آهي پر ڀارت هن وقت تائين جواب ناهي ڏنو.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته 11 پاڪستاني هندن جي ڀارت ۾ قتل عام فوري ڀارت سان رابطو ڪيو، معاملي کي ڀرپور انداز سان ڀارت مان کڻندا رهنداسين، ان حوالي سان احتجاج ڪرڻ پاڪستان هندو ڪونسل جو حق آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ زاهد حفيظ چوڌري واضح ڪيو ته پاڪستان آرمينيا کي ملڪ طور قبول نٿو ڪري نه ئي آرمينيا سان ڪنهن قسم جا سفارتي لاڳاپا آهن ۽ آذربائيجان تڪرار ۾ ڀاءُ ملڪ آذربائيجان جي حمايت ڪيان ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔