ڪراچي جي 6 ضلعن کي ڪورونا هاٽ اسپاٽ قرار ڏنو ويو آ

ڪراچي: ڪراچي جي 6 ضلعن کي ڪورونا هاٽ اسپاٽ قرار ڏنو ويو آهي.

ڊائريڪٽر هيلٿ ڪراچي ڊاڪٽر نديم شيخ موجب ڏکڻ ضلعي ۾ 24 هنڌن تي هاٽ اسپاٽ جي نشاندهي ٿي آهي، جڏهن ته ملير ضلعي جا 41 هنڌ ۽ اولهه ضلعي جا 2 هنڌ هاٽ اسپاٽ ۾ اچن ٿا.

ڊاڪٽر نديم شيخ چيو آهي ته ڪورنگي ضلعي جي 39 گهرن جي هاٽ اسپاٽ طور نشاندهي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سينٽرل ضلعي جا 46 گهر اهڙا آهن، جتي ڪورونا جا ڪيس موجود آهن.

سندس چوڻ هو ته اولهه ضلعي ۾ 637 گهر ڪورونا هاٽ اسپاٽ آهن، هاٽ اسپاٽس ۾ رهندڙ ماڻهن کي ايس او پيز جون خاص هدايتون ڏنيون ويون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔