نواز شريف ٻاهر ويهي فوج خلاف مهم هلائي رهيو آهي: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نواز شريف خطرناڪ راند کيڏي رهيو آهي، نواز شريف جي پويان ڀارت آهي، ڀارت ان جي مدد ڪري رهيو آهي، نواز شريف ٻاهر ويهي فوج خلاف مهم هلائي رهيو آهي.

خانگي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته موجوده سول ۽ ملٽري لاڳاپا بهترين آهن، فوج جمهوري حڪومت سان گڏ بيٺي آهي، ماضي ۾ جيڪڏهن ڪنهن آرمي چيف غلطي ڪئي ته ڇا سڄي آرمي کي غلط چيو ويندو، ڇا سياستدان چوري ڪري پئسو ٻاهر کڻي وڃن ته سڀ سياستدان خراب آهن، ڪنهن هڪ شخص جي غلطي اسان ادارو خراب ناهي ٿي ويندو.

هن چيو ته ماضي جي حڪومتن ۾ سول ملٽري لاڳاپن ۾ مسئلو رهيو، پاڪستاني فوج تبديل ٿي وئي آهي، حڪومت منشور سان گڏ ڪم ڪري رهي آهي ۽ فوج ان سان گڏ آهي، پاڪستاني فوج منهنجي پاليسي سان گڏ بيٺي آهي، ڀارتي پائلٽ جي واپسي، ڪرتارپور معاملي تي فوج اسان سان گڏ هئي، پاڪ فوج اھ کدھ اسان بچيا پيا آهيون، فوج نه هجي ها ته اسان جا 3 ٽڪرا ٿي وڃن ها، ڀارت پاڪستان کي ٽوڙڻ چاهي ٿو.

سندس چوڻ هو ته نواز شريف ڪڏهن به جمهوريت پسند نه هو، هو فوجي نرسري ۾ پليو آهي، نواز شريف جي هر آرمي چيف سان ويڙهه رهي، هن سڀني ادارن کي ڪنٽرول ڪرڻ پئي چاهيو، اهي سبب ٻڌائن ته فوج کي گهٽ وڌ ڇو ٿا ڳالهائن؟ توهان جي وزيراعظم هوندي توهان کان ڪير ٿو استعيفيٰ وٺي سگهي؟

وزيراعظم چيو ته اپوزيشن جماعتون جمهوريت پسند ناهن، اهي مال ٺاهڻ لاءِ اقتدار چاهين ٿيون، ڪير ڪيتري ڪرپشن ڪري رهيو آهي سڀ خبر پئجي ويندي آهي، ايجنسين کي نواز شريف جي چورين جي خبر پئجي ويندي هئي.

عمران خان چيو ته مون کان جيڪڏهن ڊي جي آءِ ايس آءِ استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ها ته مان ان کي فارغ ڪري ڇڏيان ها، چونڊيل وزيراعظم آهيان، جنهن ۾ جرئت ناهي استعيفيٰ گهري، مون کان پڇڻ بنا آرمي چيف ڪارگل ۾ حملو ڪري ها ته کيس فارغ ڪري ڇڏيان ها، 22 سال سياسي جدوجهد ڪري هن مقام تي پهتو آهيان، مون کي فوج سان ڪو مسئلو ناهي، فوج منهنجي لاءِ هڪ سرمايو آهي.

هن چيو ته ماضي ۾ رڳو ڪمزورن جو احتساب ٿيندو رهيو، پنهنجون چوريون بچائڻ لاءِ سڀ ڦورو گڏ ٿي ويا آهن، اپوزيشن جو ڪم پئسو بچائڻ آهي، چورن سان سمجهوتو ڪيوسين ته ملڪ تباهه ٿي ويندو، اپوزيشن کي خبر آ ته انهن کي آين آر او نه ڏيندس، نواز شريف دٻاءَ ۾ آڻي اين آر او وٺڻ چاهي ٿو، پاور ڇڏڻ لاءِ تيار آهيان، اين آر او نه ڏيندس.

سندس موجب نواز شريف ڪوڙ ڳالهائي ٻاهر ويو، کيس ڪوڙ ڳالهائيندي لَڄ به نٿي ٿئي، ٻن وڏين پارٽين جيڪو ملڪ سان ڪيو، اهو دشمن به ناهي ڪندو، احتساب سڀني جو ٿيڻ گهرجي، ملڪ کي قرضي بڻائي اسان کان جواب گهري رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔