ڊيوڊ هيمپ پاڪستاني عورتاڻي ڪرڪيٽ ٽيم جو هيڊ ڪوچ مقرر

لاهور : پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آسٽريليا سان واسطو رکندڙ ڊيوڊ هيمپ کي عورتن جي ڪرڪيٽ ٽيم جو هيڊ ڪوچ مقرر ڪري ڇڏيو.
ڊيوڊ هيمپ گذريل 5 سالن کان وڪٽوريا وومينز ڪرڪيٽ ٽيم ۽ آسٽريلوي وومينز بگ بيش ليگ ۾ ميلبرن اسٽارز جي هيڊ ڪوچ جي حيثيت سان ذميواريون نڀائي رهيو هو.
اڳوڻو ڪرڪيٽر ۽ يوڪي ليول فور ڪواليفائيڊ ڪوچ ڊيوڊ هيمپ برمود ا ۽ گليمورگن ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳواڻي به ڪري چڪو آهي.
هن گليمورگن، فري اسٽيٽ ۽ وورڪشائر جي نمائندگي ڪندي 271 فرسٽ ڪلاس ميچن ۾ 15 هزار کان وڌيڪ رنسون ٺاهيون، جڏهن ته برمودا طرفان 22 ون ڊي ميچن ۾ 641 رنسون ٺاهيندڙ ڊيوڊ هيمپ هڪ سينچري ۽ 4 ففٽيون به اسڪور ڪيون.
پاڪستان وومينز ونگ جي قائم مقام سربراهه ۽ چيئر آف وومينز سليڪشن ڪميٽي عروج ممتاز چيو آهي ته پي سي بي ڊيوڊ هيمپ کي وومينز ٽيم جو هيڊ ڪوچ مقرر ڪرڻ تي خوش آهي، هو رانديگرياڻين سان پنهنجو تجربو شيئر ڪندو، جيڪو ٽيم لاءِ فائديمند هوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔