امارات ۾ ڪورونا جا ڪيس تيزي سان وڌڻ لڳا، هڪ ڏينهن ۾ رڪارڊ ڪيس سامهون اچي ويا

دبئي: متحده عرب امارات ۾ هڪ ڏينهن جي دوران ڪورونا جا رڪارڊ ڪيس سامهون اچي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب اربع جي ڏينهن متحده عرب امارات(يو اي اي) ۾ ڪورونا جي شروعات کان هنيئر تائين هڪ ڏينهن جي دوران سڀني کان وڌيڪ 1100 ڪيس سامهون آيا.ميڊيا رپورٽ موجب متحده عرب امارات ۾ گذريل ٻن مهينن دوران ڪورونا جي ڪيسن ۾ واڌ نظر آئي آهي ۽ 3 آگسٽ تي روزاني ڪيسن جو انگ 164 هئي جنهن ۾ واڌ ٿي وئي آهي.متحده عرب امارات جي اختيارين ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ سبب عوام طرفان سماجي وٿي جي پاليسي تي عمل نه ڪرڻ قرار ڏنو پيو وڃي.متحده عرب امارات ۾ ڪورونا ڪيسن جو ٽوٽل انگ 94 هزار کان مٿي ٿي ويو آهي. جڏهن ته 149 ماڻهو هينئر تائين وائرس وگهي فوت ٿي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔