دليپ ڪمار پاران پشاور جي شهرين کي سندس اباڻي گهر جون تصويرون شيئر ڪرڻ جي درخواست

نئين دهلي؛ بالي ووڊ جي ليجنڊ اداڪار دليپ ڪمار پشاور جي شهرين کي پنهنجي اباڻي گهر جون تصويرون شيئر ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي آهي.گذريل ڏينهن هڪ پاڪستاني صحافي دليپ ڪمار جي پشاور ۾ موجود اباڻي گهر جون ڪجهه تصويرون ٽوئٽر تي شيئر ڪيون هيون. دليپ ڪمار ان ٽوئٽ کي ري ٽوئٽ ڪندي چيو هو ته هن پاڪستاني صحافي جو ٿورائتو آهيان ان کان پوءِ هن پشاور جي شهرين کي درخواست ڪئي آهي ته اوهان سڀ منهنجي اباڻي گهر جون تصويرون شيئر ڪريو.(جيڪڏهن اوهان تصويرون ڪڍيون آهن) ان کان پوءِ دليپ ڪمار کي ٽيگ ڪريو.ياد رهي ته پشاور ۾ واقع دليپ ڪمار جي اباڻي گهر کي 2014 ۾ نوازشريف جي حڪومت واري دور ۾ قومي ورثو قرار ڏنو ويو هو. تازو ئي خيبرپختونخواهه حڪومت دليپ ڪمار جي گهر کي خريد ڪري ان جي نئين سري سان تيار ڪري ان کي ميوزيم ۾ بدلڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔