ڪورونا وائرس سبب اسان جو سڀ ڪجهه داءُ تي لڳل آهي: انجيلا مرڪل

برلن: جرمني جي چانسلر انجيلا مرڪل ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ايندڙ سياري جي موسم دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي انفيڪشن ۾ واڌ ٿيندي ۽ هن وقت اسان جو سڀ ڪجهه داءُ تي لڳل آهي.انجيلا مرڪل جرمن پارليامينٽ کي خطاب ڪندي واضح لفظن ۾ چيو ته اسان ملڪ ۾ اهڙيون حالتون ٻيهر پيدا ٿيڻ نه ڏينداسين ته اسپتال ۾ ڪو شخص اڪيلو مرڻ تي مجبور هجي ۽ ان جا عزيز به ان کي ڏسي نه سگهن. جرمن پارليامينٽ کي خطاب ڪندي هن چيو ته منهنجي چوڻ جو مقصد اهو آهي ته اسان سڀ پنهنجي معمول جي زندگي چاهيون ٿا ۽ سڀني کان اهم نوجوان اهو چاهين ٿا پر هن وقت اهو سڀ ڪجهه داءُ تي لڳل آهي.هن چيو ته اسان کي هر حالت ۾ نوڪرين کي بچائڻو پوندو. مان ٻارن کي اسڪول ۾ ڏسڻ چاهيان ٿي. چاهيان ٿي ته معيشت ٻيهر پنهنجي پٽڙي تي موٽي اچي. اسان چاهيون ٿا ته فنڪار ٻيهر اسٽيج تي موٽي اچن. چاهيون ٿا ته ٻار ڏاڏي ۽ ڏاڏي سان ملڻ سکن سڀ چاهين ٿا ته ڪورونا جي ٻئي لهر نه اچي سگهي ۽ اسان ائين ڪري سگهون ٿا. جرمن چانسلر چيو ته هن وقت ڊاڪٽر ۽ اسپتال گذريل مارچ جي مقابلي ۾ ڪورونا وائرس جي وبا جو مقابلو ڪرڻ جي بهتر پوزيشن ۾ آهن ان لاءِ مون کي يقين آهي ته ايندڙ خطري کي ختم ڪري سگهجي ٿو.مرڪل جرمني جي عوام کي ساٿ ڏيڻ جي اپيل ڪئي ۽ چيو ته اوهان جي مدد کان سواءِ حڪومت ڪورونا جي ٻئي لهر کي روڪڻ ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگهي. اسان هن وبا مان تمام گهڻو ڪجهه سکيو آهي ۽ اسان هر ڏينهن ڪجهه نئون سکي رهيا آهيون پر هاڻ اسان کي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔