مريخ تي پاڻيءَ جون 3 ڍنڍون دريافت

مريخ ۾ هيٺين سطح تي لڪيل پاڻي جي وڌيڪ ذخيرن کي دريافت ڪيو ويو آهي جنهن سان اتي ڪنهن به قسم جي زندگي جي دريافت جو امڪان وڌي ويو آهي.
اٽلي جي روما ٽراءِ يونيورسٽي جي محققن مريخ جي ڏکڻ برفاني قطب جي سطح جي هيٺان پاڻيءَ جون ڍنڍون دريافت ڪيون آهن.
خيال رهي ته ان کان اڳ 2018ع ۾ مريخ جي مارشين پولر آئيس جي هيٺان لڪيل ڍنڍ کي دريافت ڪيو ويو هو.
نئين دريافت لاءِ محققن يورپين اسپيس ايجنسي جي مارس ايڪپريس آربٽ ريڊار جي ڊيٽا کي استعمال ڪري پاڻي جي ڳولا ڪئي.
يورپين اسپيس ايجنسي طرفان جاري ڪيل بيان موجب ڊيٽا کي مختلف طريقن سان گڏ ۽ تجزيو ڪرڻ کان پوءِ 3 نين ڍنڍن کي دريافت ڪيو ويو آهي.
محققن طرفان ڪيل ان تحقيق جا نتيجا نيچر آسٽرونومي رسالي ۾ ڇپيل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔