سائنسدانن منٽن ۾ ڪورونا وائرس جو نتيجو ٻڌائيندڙ ٽيسٽ ڪٽ تيار ڪري ورتي

واشنگٽن: عالمي وبا ڪورونا وائرس سڄي دنيا ۾ تباهيون مچائي ڇڏيون آهن ۽ سائنسدان وائرس جو خاتمو ڪندڙ ويڪسين جي حوالي سان روزاني تحقيق ڪري رهيا آهن.عام طور تي ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ جي لاءِ انسان جي نڪ مان نمونا ورتا ويندا آهن جنهن کي ليبارٽري ۾ موڪليو ويندو آهي ۽ پوءِ وائرس جي جينيٽڪ مٽيريل جو پتو لڳائڻ جو نتيجو سامهون ايندو آهي. پر هاڻ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ جي لاءِ نئون اينٽي جن ٽيسٽ سامهون آيو آهي جنهن جي ذريعي منٽن ۾ نتيجو سامهون ايندو آهي.هي اينٽي جن ٽيسٽ ڪٽ ڏسڻ ۾ هڪ ڪريڊٽ ڪارڊ جيان آهي ۽ ان ۾ هڪ جي اسٽرپ به موجود هوندي جنهن ۾ ڪورونا وائرس اينٽي باڊيز هوندي جڏهن ته هي ڪٽ هوم پرگنينسي ٽيسٽ ڪٽ(حمل ٽيسٽ ڪندڙ ڪٽ) جيان ڪم ڪندي آهي. پر جيڪڏهن ڪنهن شخص جو اينٽي جن ٽيسٽ ڪٽ کان ڪورونا وائرس نگيٽو ايندو آهي ۽ ان جي باوجود به ان ۾ نشانيون ظاهر ٿي رهيون آهن ته ان جي پي آر سي ٽيسٽ جي ذريعي وڌيڪ تصديق ڪري سگهجي ٿي.صحت جي عالمي اداري(ڊبليو ايڇ او) جي موجب اينٽي جن ٽيسٽ ڪٽس خاص طور تي ان علائقن جي لاءِ تيار ڪئي وئي آهي جتي ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ جي لاءِ پي آر سي ٽيسٽ جي کوٽ هجي يا نتيجو اچڻ ۾ وڌيڪ وقت لڳي رهيو هجي. ڊبليو ايڇ او وڌيڪ چيو آهي ته اينٽي جن ٽيسٽ ڪٽ ان ملڪن ۾ تمام گهڻو اهم ڪردار اد اڪندي جتي ڪورونا وائرس جي ٻئي لهر پکڙيل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔