مصباح الحق کي هڪ عهدو ڇڏڻو پوندو: پي سي بي چيئرمين

پي سي بي چيئرمين احسان ماني چيو آهي ته مصباح الحق ٻن عهدن تي نٿو رهي سگهي، کيس هڪ عهدو ڇڏڻو پوندو.
پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس ۾ پيش ٿيڻ کانپوءِ پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي احسان ماني چيو ته مصباح الحق کي واضح طور چئي ڇڏيو آهي ته کيس ۽ ٻين رانديگرن کي ٻيون نوڪريون ڇڏڻيون پونديون.
هن چيو ته 10 سالن کانپوءِ ڪرڪيٽ ٽيمون پاڪستان اچي رهيون آهن پر ڪو ان جي تعريف نٿو ڪري، ڪنهن به ٽيم جي ڪنهن رانديگر کي هڪ رپيو به هتي اچڻ لاءِ نه ڏنو، جڏهن ته ماضي ۾ ويسٽ انڊيز کي پاڪستان اچڻ لاءِ پئسا ڏنا ويا هئا.
سندس چوڻ هو ته مصباح الحق، اظهر علي ۽ محمد حفيظ بنا اجازت وزيراعظم سان ملاقات ڪئي، اهو ڊسيپلين جو معاملو آهي، جنهن کي ضرور ڏٺو ويندو.
پي ايس ايل فرنچائزز جي معاملي تي احسان ماني چيو ته مان اڳ ئي فرنچائزز کي چئي ڇڏيو هو ته توهان جو مالي اسٽرڪچر درست ناهي، پي ايس ايل ۾ مالي بي ضابطگيون ٿيون آهن پر هاڻ اهو معاملو ڪميٽي ۾ آهي، ان معاملي جي جاچ ٿيندي ۽ سچ سڀني جي سامهون ايندو.
واضح رهي ته اڳوڻو ڪپتان مصباح الحق هن وقت قومي ٽيم جو هيڊ ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر هجڻ سان گڏوگڏ پي سي ايل فرنچائز اسلام آباد يونائيٽيڊ جو به هيڊ ڪوچ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔