ڊاڪٽرن ماڻهن کان پري رهڻ جو چيو آهي: ميرا

ڪراچي : فلم اسٽار ميرا چيو آهي ته آمريڪا ۾ منهنجو وڏو نقصان ٿيو، منهنجو سوشل ميڊيا اڪائونٽ هيڪ ٿي چڪو ويو آهي، ڪيترن ئي مهينن کان ريڪور ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪيان، سائبر ڪرائم وارن سان رابطو ڪنديس.
خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي اداڪارا ميرا چيو ته ڊاڪٽرن مون کي ماڻهن کان پري رهڻ جو چيو آهي، جڏهن ته ڪورونا وبا دوران ٻارن کي اسڪول نه وڃڻ گهرجي.
هن چيو ته مستقبل ۾ مداح مون کي نئين ٽيلي فلم ۾ ڏسندا، ڪراچي جي حالتن تي افسوس ٿيندو آهي، جڏهن به ڪراچي کي منهنجي ضرورت پئي اينديس، ٽيڪس، بجلي بل ۽ ملازمن کي پگهارون وقت تي ادا ڪندي آهيان، ٻين ملڪن کان سکڻ گهرجي ته جيئن اسان جي فلم انڊسٽري به مٿي وڃي.
ميرا پاڪستان کي سرسبز بڻائڻ ۽ ماحولياتي گدلاڻ کان پاڪ ڪرڻ لاءِ 5 هزار ٻوٽا پوکڻ جو به اعلان ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔