ڪراچي ۾ وري شادي هال ۽ هوٽل بند ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي : ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيس وڌڻ کانپوءِ هوٽلن ۽ شادي هالن کي هڪ ڀيرو ٻيهر بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ڪراچي جي ڪمشنر سهيل راجپوت جي صدارت هيٺ ڊپٽي ڪمشنرن، ضلعي هيلٿ آفيسرن ۽ لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته گذريل هڪ هفتي ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ تيزي سان واڌ ٿي آهي، سيپٽمبر مهيني ۾ 4667 ڪيس رپورٽ ٿيا، گذريل ڏينهن 365 ڪيس سامهون آيا.
ڪمشنر کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ 60 سيڪڙو ڪيس ڪراچي ۾ رپورٽ ٿيا آهن.
سهيل راجپوت ايس او پيز جي ڀڃڪري ڪندڙ هوٽلن ۽ شادي هالن کي بند ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ڪارروائي بنا دير شروع ڪئي وڃي ۽ ڀڃڪڙي تي گهٽ ۾ گهٽ 3 ڏينهن لاءِ هوٽل ۽ شادي هال کي بند ڪيو وڃي.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پارڪن ۾ به ايس او پيز تي عمل يقيني بڻايو ويندو ۽ ماسڪ بنا ڪنهن کي به پارڪ ۾ داخلا جي اجازت نه هوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔