ٽرمپ ۽ جوبائيڊن جا صدارتي بحث دوران هڪ ٻئي مٿان ذاتي حملا

واشنگٽن: آمريڪي صدارتي اميدوارن ۾ سڌو سنئون پاڻ ۾ بحث ٿيو آهي. ٻنهي هڪ ٻئي مٿان الزامن جي برسات ڪري ڇڏي.صدر ٽرمپ چيو ته مون اليڪشن کٽيو آهي. ان ڪري مون کي جج چونڊ ڪرڻ جو اختيار آهي. ڊيموڪريٽڪ صدارتي اميدوار جوبائيڊن ٽرمپ کي نسل پرست قرار ڏيندي چيو ته هر ڪو چوي ٿو ته ٽرمپ ڪوڙو آهي. اوبائيو رياست جي شهر ڪليولينڊ ۾ ٿيندڙ ٽي وي بحث ۾ صدر ٽرمپ ۽ ڊيموڪريٽڪ اميدوار جوبائيڊن هڪ ٻئي تي لفظي گولا باري ڪئي ۽ هڪ ٻئي کي هيٺاهون ڏيکارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. ميزبان مداخلت ڪندي ٻنهي کي ضابطي موجب جواب ڏيڻ جي تلقين ڪئي. بحث دوران سپريم ڪورٽ، ڪورونا وائرس جي وبا، نسلي تعصب جي خلاف مظاهرا ۽ شهرن ۾ چونڊ جي گوڙ، معيشت جا موضوع شامل هئا. صدر ٽرمپ چيو ته مان اليڪشن کٽيو آهي ان لاءِ مون کي جج چونڊ ڪرڻ جو اختيار آهي. هن چيو ته مان آمريڪي معيشت کي بلند ترين طرح تي کڻي ويس جڏهن ته جوبائيڊن آمريڪا کي شٽ ڊائون طرف کڻي وڃڻ چاهي ٿو. ڊيموڪريٽڪ صدارتي اميدوار جوبائيڊن ٽرمپ کي نسل پرست قرار ڏئي ڇڏيو. جوبائيڊن ٽرمپ کي چيلنج ڪيو ته هو پنهنجا ٽيڪس ظاهر ڪري، هن هيلٿ ڪيئر پلان جي معاملي تي چيو ته هر ڪنهن کي خبر آهي ته ٽرمپ ڪوڙو آهي. آمريڪي صدر ڪورونا سبب فوتگين ۽ صحت جي سهوليتن ۾ کوٽ جو ذميوار آهي.جوبائيڊن چيو ته آمريڪا کي هينئر تائين جو سڀني کان وڌيڪ بدترين صدر مليو. ٻنهي اميدوارن جا گهر ڀاتي به بحث دوران موجود هئا. واضح رهي ته آمريڪا ۾ صدارتي چونڊون هلندڙ سال نومبر ۾ شروع ٿي رهيون آهن. هر چئن سالن کان پوءِ ٿيندڙ صدارتي چونڊن کان اڳ اميدوارن جي وچ ۾ ٽيليويزن تي بحث ٿيڻ آمريڪي چونڊن جي روايت جو حصو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔