عالمي شهرت ماڻيندڙ جاپاني اداڪاره يوکو ٽيکوچي آپگهات ڪري ڇڏيو

ٽوڪيو: مس شرلاڪ مان عالمي شهرت ماڻيندڙ جاپان جي مشهور اداڪاره يوکوٽيکوچي پنهنجي گهر ۾ مئل حالت ۾ هٿ آئي آهي.عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب جاپان جي عالمي شهرت ماڻيندڙ اداڪاره مبينه طور تي آپگهات ڪري ورتو آهي. اداڪاره جو مڙس رات جو دير سان گهر پهتو ته اداڪاره کي مئل حالت ۾ ڏٺو. اداڪاره کي فوري طور تي اسپتال آندو ويو جتي ان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي.40 ساله اداڪاره جي مڙس جو تعلق به شوبز انڊسٽري سان آهي ۽ هو ٻن ٻارن جي ماءُ آهي. پوليس امڪان ظاهر ڪيو آهي ته اداڪاره آپگهات ڪيو آهي پر حتمي طور تي فرانزڪ ليب ۽ پوسٽ مارٽم جي رپورٽ اچڻ کان پوءِ ئي ڪجهه چئي سگهجي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔