سنڌ جي ڪنهن به پارٽي ڪراچي لاءِ ڪجهه نه ڪيو آهي : وزيراعظم عمران خان

مهمند ايجنسي: جيڪا پارٽي اندرونِ سنڌ مان ووٽ کڻي ايندي آهي، اُها ڪراچي لاءِ ڪجهه ناهي ڪندي، وزيراعظم عمران خان پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي جماعت جيان پنجاب ۾ ته نواز ليگ جو ڳڙهه رڳو سينٽرل پنجاب هو، تنهن ڪري ترقي به هڪ ئي علائقي ۾ ٿيندي هئي، سنڌ ۽ پنجاب ۾ ٻيا علائقا پوئتي رهجي ويا، مهمند ايجنسي ۾ تقريب خطاب دوران وزيراعظم چيو ته ضم ٿيل قبائلي علائقن لاءِ ڪي پي حڪومت پنهنجو حصو ڏئي ڇڏيو، ٻين صوبن جون حڪومتون چون ٿيون ته فنڊز گهٽ آهن، تنهن ڪري حصو نٿا ڏئي سگهون، ڪوشش هوندي ته قبائلي علائقن ۽ بلوچستان کي فنڊز جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔