پشاور ۾ بالي ووڊ جي ليجنڊ اداڪار دليپ ڪمار ۽ راج ڪپور جا اباڻا گهر سرڪاري تحويل ۾ وٺڻ جو فيصلو

پشاور: پشاور ۾ بالي ووڊ جي ليجنڊ اداڪار دليپ ڪمار ۽ راج ڪپور جا اباڻا گهر سرڪاري تحويل ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڪي پي جي قديم آثارن واري کاتي واڳيل ادارن کي ٻئي گهر خريد ڪرڻ لاءِ ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي، جاري ٿيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي گهرن کي ميوزيم ۾ تبديل ڪيو ويندو، جتي اداڪار شاهه رُخ خان جي ڪٽنب سان واڳيل شين کي به محفوظ ڪيو ويندو، ڪي پي جي ڊائريڪٽر آرڪيالاجي اينڊ ميوزيم ڊاڪٽر عبدالصمد ڊي سي پشاور کي خط لکي چيو آهي ته حڪومت اداڪارن جي گهرن کي محفوظ آثار قرار ڏيڻ چاهي ٿي، ته جيئن ايندڙ نسلن لاءِ اُنهن کي محفوظ بڻائي سگهجي، اداڪار دليپ ڪمار جو گهر پشاور جي قــِصه خواني بازار ۽ ڪپور خاندان جي حويلي دلگران واري علائقي ۾ موجود آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔